SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


موُڙيءَ جي منڊي


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


موُڙيءَ جي منڊي

Capital Market CM

ڪيپيٽل مارڪيٽ

سرمايي جي منڊيءَ يا پڙيءَ ۾ مالياتي ادارا، جهڙوڪ: بينڪون، انشورنس ڪمپنيون ۽ اسٽاڪ ايڪسچينج وغيره شامل آهن . حڪومتن ۽ خانگي ادارن پاران انهن مالياتي ادارن ذريعي ڪاروباري ، واپاري ۽ صنعتي بنيادن تي ڊگهي مدي (گهٽ ۾ گهٽ هڪ سال لاءِ) واري سيڙپ ڪري سگهجي ٿي. ان جي مقابلي ۾ سرمايي جي بازار (Money Market) ۾ عارضي مدي لاءِ ڌن سيڙايو وڃي ٿو . ڪيپيٽل مارڪيٽ ٺوس سيڙپڪاريءَ ۾ پئسو لڳائي ٿي، جنهن ۾ عمارتون ۽ مشينري شامل آهن . اها سيڙپڪاري فوري طور منتقلي جوڳي نه هئڻ ڪري گهٽ خطري ڀري هجي ٿي . ان کان علاوه اهڙا اُپاءَ به ورتا ويندا آهن ، جن جي نتيجي ۾سيڙپڪار ڪنهن به محصولياتي ٺڳيءَ ، ڪاروباري ڏچن ۽ انتظامي رنڊڪن کان محفوظ رهن . موُڙيءَ جي منڊيءَ جا ٻه قسم ٿين ٿا . 1- بُنيادي منڊي : جنهن ۾سيڙپڪارن کي نون وکرن ۽ بانڊن جو وڪرو ڪيو ويندو آهي . 2- ثانوي منڊي : جنهن ۾سيڙپڪارن سان منڊيءَ ۾ موجود وکرن جو وڪرو ۽ خريداري ڪئي وڃي ٿي


Remember Me Also:

لاهه

ذ . صفت. ضِدي ، هوڏي، مغرور.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal